بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز

بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز

بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز

بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز: هيءُ ادارو اهڙن ادارن مان آهي، جيڪي بقائي فائونڊيشن هيٺ مُلڪ ۾ عام صحت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن اداري ۾ بي اولاد مردن ۽ عورتن ۾ ”ٽيسٽ ٽيوب بيبي“ واري طريقي موجب ٻار جي پيدائش ڪئي ويندي آهي. سڀ کان اول ٽيسٽ ٽيوب بيبيءَ (Test Tube Baby)جو تجربو برطانيه ۾ ڪري، 1978ع ڌاري اولڊهم (انگلنڊ) جي جنرل اسپتال ۾ ”لوئيس برائون“ نالي، هڪ ڇوڪري ڄڻائي ويئي. ”لوئيس برائون“ جي ڄم دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ سائنسي دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. اولاد جي تمنا رکندڙ بي اولاد جوڙن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. گهڻو ڪري اهو سمجهيو ويندو آهي ته ٽيسٽ ٽيوب ذريعي ٻار جي پيدائش ناجائز يا غير شرعي عمل آهي، جڏهن ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. اهو طريقو جيڪڏهن اسلامي ماحول کي برقرار رکندي آزمايو وڃي ته پوريءَ ريت جائز ۽ شرعي آهي. هن عمل ۾ زال ۽ مڙس جي ڄم جا خليا استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ جنهن زال جا خليا هُجن، اُهي ان ۾ ئي منتقل ڪيا وڃن ٿا. بقائي يونيورسٽيءَ ۾ اسلامي نقطه نظر جو خيال رکيو وڃي ٿو. هتي جيڪي جوڙا اولاد جي طلب لاءِ اچن ٿا، انهن جو سمورو وچور ورتو وڃي ٿو. مثال طور: انهن جوڙن جي خبر ورتي وڃي ٿي ته ڇا واقعي اُهي نڪاح ٻڌل زال مڙس آهن ۽ ڄم وارو مادو پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا؟ ڇا ٻئي زال مڙس حاضر آهن؟ عورت بيواهه ته نه آهي؟ طلاق ورتل ته نه آهي؟ وغيره وغيره. هن وقت ٽيسٽ ٽيوب بيبيءَ وارو طريقو پاڪستان کان سواء ٻين مسلم مُلڪن سعودي عرب، وچ اوڀر ۽ ايران وغيره ۾ به ڪاميابيءَ سان هلي رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو